حسين کر کي ڦر جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو آهي لاهور پوليس

لاهور پوليس، پنجاب جي اڳوڻي گورنر غلام مصطفيٰ کـَر جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حسين کـَر کي ڦر جي الزام هيٺ سـِي آءِ اي پوليس گرفتار ڪيو آهي، جاچ دوران بيگناهه نڪتو ته کيس آزاد ڪيو ۽ جيڪڏهن ملوث نڪتو ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور حيدر اشرف موجب، غلام مصطفيٰ کر جي پٽ کي ڊفينس واري علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ڦر جي واردات جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته حسين کر، سي آءِ اي پوليس جي ڪينٽ ٿاڻي تي حراست ۾ آهي، ڦر جي واردات بابت کائنس جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن هو بيگناهه نڪتو ته کيس آزاد ڪيو ويندو.

ڊي آءِ جي آپريشن اهو به واضح ڪيو ته جيڪڏهن حسين کر تي ڏوهه ثابت ٿيو ته سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته لاهور جي شاهد نالي هڪ شهري ڪينٽ ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي ته ڊفينس واري علائقي مان ڪجهه ماڻهن هٿيارن جي زور تي کيس کنڀي ويا هئا ۽ گن پوائنٽ تي اي ٽي ايم مان زبردستي پئسا ڪڍرائي ڦر ڪري ويا هئا.

پوليس ان معاملي جي جاچ ڪري رهي هئي، جنهن دوران شڪ جي بنياد تي گذري رات حسين کر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*