پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن ملڪ ۾ مون جهڙو شريف انسان نه پر ڪو ڊان ئي چونڊ وڙهي سگهي ٿو

Dr-Asim-Court-Case-29417

پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هن ملڪ ۾ مون جهڙو شريف انسان نه پر ڪو ڊان ئي چونڊ وڙهي سگهي ٿو، نواز شريف کي ڪجهه نه ٿيندو، هن ڀيري به بچي ويندو، مسلم ليگ نون وارن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو ذميوار چوڌري نثار آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته مون جهڙو انسان ڪيئن چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، صرف مار کائي سگهي ٿو.

هن چيو ته چونڊون وقت تي ٿيندي ڏسي رهيو آهيان، هڪ اڌ مهينو ملتوي ٿيڻ باوجود ٿينديون.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته 19 مهينن جي وزارت بعد ٻن سالن لاءِ جيل ۽ بعد ۾ سڄي زندگي ذلت آهي.

هن چيو ته نواز شريف کي ڪجهه نه ٿيندو، هو سڀني شين کان بچي ويندو، مسلم ليگ نون وارن سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو ذميوار چوڌري نثار آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته  چوڌري نثار ڪرپٽ ماڻهو آهي، پ پ جي 5 سالن جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته سياست ۾ ڪا به شيءِ آخري ناهي هوندي، ڪنهن نه ڪنهن سان اتحاد ٿي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*