لاڙڪاڻي ۾جوابدارن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زمين جي تڪرار تان پيش آيو آهي

larkana hik qatal

لاڙڪاڻي ۾جوابدارن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زمين جي تڪرار تان پيش آيو آهي.

عاقل روڊ واري علائقي ۾ جوابدار گوليون هڻي نوجوان نجيب چانڊيوکي قتل ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا.

عاقل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته نوجوان نجيب  چانڊيو پنهنجي ڳوٺ لهڻو خان چانڊيو کان  لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

 پوليس ٻڌايو ته زمين جي معاملي تان سندس ذات وارن سان گذريل ڏينهن منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد واقعو پيش آيو آهي.

ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، جنهن لاءِ پوليس جو چوڻ هو ته مقتول جا وارث اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*