سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته روز ٻڌندا هئاسين ته حڪومت ختم ٿي رهي آهي

Javed-Hashmi-24317

سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته روز ٻڌندا هئاسين ته حڪومت ختم ٿي رهي آهي، خوشي جي ڳالهه آهي ته حڪومت مدو پورو ڪيو پر نواز شريف کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو، نوازشريف ووٽ کي عزت ڏيارڻ لاءِ نڪتو آهي، چونڊون وقت تي نه ٿيڻ جمهوريت لاءِ خطرو آهي.

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم جاويد هاشمي چيو ته بلوچستان اسيمبلي ٽوڙڻ وارا ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته اڄ حڪومت ختم ٿي ويندي.

هن چيو ته نوازشريف قرباني ڏني، چونڊون 25 جولاءِ تي لازمي ڪرائڻيون پونديون،

سينيئر اڳواڻ چيو ته يڪجهتي جي اظهار لاءِ آيو آهيان، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو پر  نوازشريف کي وزارت عظميٰ جو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو،

هن چيو ته چونڊون ملتوي ٿيڻ جمهوريت لاءِ خطرو آهي، اڄ جو ڏينهن تمام گهڻو اهم آهي،

مخدوم جاويد هاشمي چيو ته پاناما ۾ پاڪستان جي 4 سئو ماڻهن جا نالا شامل آهن،

هن چيو ته هر روز حڪومت ختم ٿيڻ جو ٻڌندا هئاسين پر جمهوريت پسندن ميان صاحب سان گڏجي جنگ وڙهي.

مخدوم جاويد هاشمي چيو ته  ميان نوازشريف ووٽ کي عزت ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتو آهي، جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪنهن ووٽ کي عزت نه ڏني ته پوءِ اهو جمهوريت خلاف هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*