سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي

sindh-highi-court

سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي،گذريل ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيلن دليل مڪمل ڪيا هئا.

اڳوڻو چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

نيب پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جوابدار ضمانت جا حقدار ناهن، درخواستون رد ڪيون وڃن، جوابدار خلاف پڪا ثبوت موجود آهن.

 نيب پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته ڪورنگي واري علائقي ۾ جوابدارن تي 6 ايڪڙ زمين جعلي دستاويزن تي الاٽ ڪري قومي خزاني کي 55 ڪروڙن کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

نيب چيو ته زمين غيرقانوني الاٽ جي انڪشاف بعد 22 جنوري 2016 ۾ رد ڪئي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*