اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چونڊون ملتوي ٿيڻ تي احتجاج جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چونڊون ملتوي ٿيڻ تي احتجاج جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته هي چونڊون انتهائي اهم آهن، چونڊون ملتوي ٿيون ته رستن تي نڪري اينداسين، ڪجهه ماڻهو چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا، ماڻهو روز حڪومت ختم ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندا هئا، ڏکيا سُکيا پنج سال پورا ڪري وياسين.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران نوازشريف صحافين سان غير رسمي ڳالهيون  ڪيو، ان موقعي تي جاويد هاشمي به ساڻس گڏ هو.

صحافي ، نوازشريف کان سوال ڪيو ته ڇا چونڊون ملتوي ٿي رهيون آهن، جنهن تي نوازشريف چيو ته هر چونڊن ۾ اهڙا ماڻهو اچي ويندا آهن، پر هي چونڊون تمام گهڻو اهم آهن ۽ هي وڏي چونڊ آهي.

صحافي سوال ڪيو ته اڄ اوهان تمام گهڻو خوش نظر اچي رهيا آهيون، جنهن تي نوازشريف چيو ته الله جو شڪر آهي ۽ انسان کي هر حال ۾ خوش رهڻ گهرجي.

صحافي سوال ڪيو ته چوڌري نثار هاڻ شهباز شريف جي بيان تي ردعم ڏئي رهيو آهي، اوهان ڇا چوندئو،

جنهن تي نوازشريف خاموشي اختيار ڪندي چيو ته لڳي ٿو ته جج صاحب اچڻ لڳا آهن، هاڻ اوهان انهن ڏانهن ڌيان ڏيو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*