دهشتگردي خلاف قوم جون ڏنل قربانيون ضايع نه وينديون، شهباز شريف

 پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف قوم جون ڏنل قربانيون ضايع نه وينديون، دهشتگردي راتو رات نه آئي آهي، تنهنڪري ان لعنت مان راتورات ڇٽڪارو به حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته لاهور واري دهشتگردي جي بدترين واقعي تي قوم ڏکويل آهي.

لاهور ۾ مسيحي برادري جي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ناسور مان ڇوٽڪاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

هن چيو ته اقبال ۽ قائد اعظم جي پاڪستان لاءِ صحيح معني ۾ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته گرجا گهرن تي حملا بزدلاڻي ڪارروائي هئي، دهشتگرد آسان هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

شهباز شريف چيو ته لاهور ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو دهشتگردي جي بدترين واردات هئي ۽ ان واقعي تي سڄي قوم ڏکويل آهي ۽ مسيحي برادري کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو پر واقعي دوران جيڪو ٻن ڄڻن کي زندهه ساڙي ماريو ويو، اهو به بدترين دهشتگردي هئي، تنهنڪري ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*