سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران لاڳاپيل ڌرين کي 8 جون تائين جا نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن

rao anwar and sindh high court copy

سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران لاڳاپيل ڌرين کي 8 جون تائين جا نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

نقيب الله جي والد محمد خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو  هو ته رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ غيرقانوني آهي، گهروکاتي بغير ڪنهن نوٽيفڪيشن جي رائو انوار کي گهر ۾ رکيو آهي.

 هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته رائو انوار جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کيس جيل موڪليو وڃي، رائو انوار معصوم شهرين جو قاتل آهي.

عدالت درخواست تي لاڳاپيل ڌرين کي 8 جون تي پيش ٿيڻ جا نوٽيسز جاري ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*