سپريم ڪورٽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Khuwaja-Asif-211116

سپريم ڪورٽ اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد خواجا آصف جي تاحيات نااهلي ختم ٿي وئي ۽ هو هاڻ چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ خواجا آصف جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه شامل هئا.

خواجا آصف پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته موجود رٽ داخل ڪرڻ کان اڳ ئي بينڪ اڪائونٽ ۽ اقامو ظاهر ڪري چڪو هئس.

خواجا آصف اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو نامزدگي ڪاغذن ۾  پرڏيهي ملڪن جا اڪائونٽ غير ارادري ظاهر نه ڪري سگهيس، جڏهن ته ڪائونٽ ۾ نامزدگي ڪاغذن ۾ ڊڪليئرڊ اثاثن جي رقم 0.5 سيڪڙو  هئي.

عثمان ڊار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خواجه آصف وفاقي وزير هوندي پرڏيهي ڪمپني ۾  نوڪري ڪندو رهيو آهي، سندس اهو قدم مفادن جو قدم آهي.

جسٽس عمر عطا بنديال پڇا ڪئي ته ڇا مفادن جي ٽڪراءَ سان نااهلي ٿي سگهي ٿي، دنيا ۾ مفادن جي ٽڪراءَ تي گهڻو بحث ٿيو آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ جي نياڻي حڪومتي معاملن ۾ ذميواريون سر انجام ڏيندي آهي ۽ سندس ناٺي پنهنجو ڪم ڪندو آهي تنهن ڪري ڇا مفادن جي ٽڪراءَ تي نااهلي ٿيڻ گهرجي يا وري عوام عهديدارن کي وارننگ ڏني وڃي.

خواجه آصف جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيس ۾ شاهدين جو بار درخواستگذار جي ڪلهن تي هوندو آهي، هر ڀل يا غلطي تي آرٽيڪل 62 ون ايف لاڳو نه ٿو ٿئي.

وڪيل چيو ته جتي حقيقتون قبول ڪيون وڃن ته پينلٽي نااهلي ٿي سگهي ٿي، قانون تحت اثاثن جا ذريعا ٻڌائڻ لازمي ناهي، اثاثو اهو ئي ٿيندو جيڪو پگهار مان بچت ٿيندو.

سپريم ڪورٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجه آصف  جي نااهلي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت چيو ته، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جا سبب بعد ۾ ٻڌايا ويندا. ..