نگران وزيراعظم رٽائرڊ جسٽس ناصر الملڪ عهدي جو حلف کڻي ورتو

justice nasir ul malik halaf

نگران وزيراعظم رٽائرڊ جسٽس ناصر الملڪ عهدي جو حلف کڻي ورتو، ايوانِ صدر ۾ ٿيل تقريب دوران صدر ممنون حسين جسٽس ناصر ملڪ کي حلف کڻايو.

نگران وزيراعظم جي حلف برادري جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر ممنون حسين اڳوڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ نگران وزيراعظم کان حلف ورتو.

حلف برادري تقريب ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سميت اڳوڻي ڪابينا ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن، سينيٽ جي چيئرمين ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي.

حلف برداري تقريب ۾ صوبائي گورنرز، ججز ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن  به شرڪت ڪئي.

اڳوڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ وزارت عظمي جو منصب سنالڻ بعد پنهنجي ڪابينا جوڙڻ جو ڪم مڪمل ڪندو.

اُن کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي وزيراعظم هائوس ۾ ٽنهي فوجن جي دستن گاڊ آف آنر پيش ڪيو،

واضح رهي ته نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ پاڪستان جي 22 هين چيف جسٽس طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو 6 جولاءِ 2014 کان 16 آگسٽ 2015 تائين چيف جسٽس رهيو.

جسٽس (ر) ناصر الملڪ 17 آگسٽ 1950 ع ۾ سوات جي شهر مينگوره ۾ پيدا ٿيو ۽ ايبٽ آباد پبلڪ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ ايڊورڊز ڪاليج پشاور کان گريجوئيشن ڪئي.

1977ع ۾ لنڊن کان بار ايٽ لا ڪرڻ بعد پشاور ۾ وڪالت شروع ڪئي، 1981ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ بار جو سيڪريٽري ۽ 1991ع  ۽ 1993ع ۾ صدر چونڊيو ويو.

جسٽس (ر) ناصر الملڪ 4 جون 1994ع تي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج بڻيو ۽ 31 مئي 2004 ع تي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جو عهدو سنڀاليو ۽ پوءِ 5 اپريل 2005ع تي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.

جسٽس ناصر الملڪ نه رڳو 3 نومبر 2007ع تي پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو پر 3 نومبر جي ايمرجنسي خلاف حڪم جاري ڪندڙ ست رڪني بينچ ۾ به شامل رهيو.

جسٽس ناصر الملڪ پي سي او، اين آر او ۽ 18هين ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ جو  به حصو رهيو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*