لاڙڪاڻي مان 4 مهينا اڳ اغواڪيل عورت ۽ سندس ڌيءُ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتوآهي
لاڙڪاڻي مان 4 مهينا اڳ اغواڪيل عورت ۽ سندس ڌيءُ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتوآهي.
حيدري محلي مان اغوا ڪيل ناريءَ روبينا ۽ سندس 4 ورهين جي ڌي منشا کي لاڙڪاڻو پوليس بازياب ڪرائي ورتو.
لاڙڪاڻو پوليس موجب عورت روبينا۽ سندس ڌيءُ منشا کي دادو جي ڪاڇي واري علائقي مان بازياب ڪرايو ويو آهي.
لاڙڪاڻوپوليس موجب بازياب ڪرايل عورت روبينا۽ سندس ڌيءُ منشا کي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته عورت روبينا جي مڙس تعمير علي ديناري ڪجهه ڏينهن اڳ زال ۽ ڌيءَ جي بازيابي لاءِ آءِ جي سنڌ آڏو احتجاج ڪيو هو، جنهن بعد پوليس ٽيم جوڙي وئي هئي، جنهن ماءُ ۽ ڌي کي بازياب ڪرائي ورتو.