سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

advocate hartal

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن ڪراچي، ٺٽي، ٺل ۽ ٻين شهرن وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.

ڪراچي جي عدالتن ۾ وڪيلن جي هڙتال جروزي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿي نه سگهيون آهن.

ڪراچي جي بار ايسوسئيشن جي صدر حيدر امام رضوي چيو ته موجوده صورتحال ۾ خاموش ويهڻ مناسب ناهي، ماڻهن عدالتن ۾ چڪر لڳائڻ تي مجبور آهن ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن واري معاملي بابت وڏي وزير سان ملاقات ڪنداسين، جلد ايندڙ حڪمت عملي به جوڙي ويندي.

سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين صلاح الدين گنڊاپور چيو ته ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته ماڻهن سالن کان گم آهن، پتو نٿو پوي ته اهي ماڻهو ڪٿي آهن، ٻين ملڪن جي وڪيلن گم ٿيل ماڻهن واري مسئلي تي رابطا ڪيا آهن.

صلاح الدين گنڊاپور چيو ته اسان گم ٿيل ماڻهن واري مسئلي بابت معاشري جي ٻين طبقن کي به شامل ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*