پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار چيو آهي ته خواجه آصف سان چونڊن دوران سيالڪوٽ جي ميدان ۾ به مقابلو ٿيندو

usman dar and khuwaja asif

پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار چيو آهي ته خواجه آصف سان چونڊن دوران سيالڪوٽ جي ميدان ۾ به مقابلو ٿيندو، فيصلي کانپوءِ نون ليگ عدالتن خلاف پروپئگنڊا بند ڪندي، هي اها ئي عدالت آهي، جنهن جي خلاف نوازشريف ڳالهائي رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان ڊار چيو ته جڏهن خواجا آصف کي نااهل ڪيو ويو هو ته هن چيو هو ته عثمان ڊار مون کي سيالڪوٽ ۾ شڪست نٿو ڏئي سگهي ۽ هن عدالتن جو سهارو ورتو.

هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته هاڻ خواجا آصف سان منهنجو مقابلو سيالڪوٽ جي عوام جي عدالت ۾ ٿيندو.

عدالتي فيصلي جي حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مريم نواز ۽  نوازشريف کي خاص پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته هي اها ئي سپريم ڪورٽ آهي، جنهن جي اوهان تضحيڪ ڪئي، پر اڄ عدليا کيس ٻيهر  پرڏيهي  وزير بحال ڪيو آهي.

عثمان ڊر جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته تفصيلي فيصلو اچڻ بعد سمورن نڪتن جو جائزو ورتو ويندو ۽ بعد ۾ نظرثاني اپيل جو فيصلو ڪيو ويندو.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هلندڙ سال 26 اپريل تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عثمان ڊار جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو، ان وقت کيس تاحيات نااهل قرار ڏنو هو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*