سري لنڪن ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف انتهائي اهم ميچ ۾ 133 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي

سري لنڪن ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف انتهائي اهم ميچ ۾ 133 رنز  ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ کيڏي ويل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾سري لنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو،جيڪو غلط ثابت ٿيو.

ميچ جي شروع ۾ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالرز ڊيل اسٽين ۽ ڪائل ايبٽ سري لنڪن بيٽسمينن کي دٻاءِ هيٺ رکيو.

سري لنڪن بيٽنگ ميگا ايونٽ ۾ اڄ پهرين ڀيرو مڪمل ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 37 ڏهائي 2 اوورس ۾ 133رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

سري لنڪن ٽيم پاران ڪمار سنگاڪارا 45، ٿرماني 41۽ اينجلو ميٿيوز 19 رنز اسڪور ڪري نمايا بيٽسمين رهيو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*