ڪوٽ غلام محمد ۽ دولتپور ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ شادي شده ناري سميت ٻن ڄڻن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

Daulatpur-11616

ڪوٽ غلام محمد ۽ دولتپور ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ شادي شده ناري سميت ٻن ڄڻن ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڳوٺ مير غلام حسين ٽالپر ۾ گهرو اڻبڻت تان 25 ورهين جي شريمتي ڌرمي ڪولهي مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر ناري جي وارثن ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪندي پوليس کي موٽائي ڇڏيو.

دولتپور صفن ويجهو جوهر پاڙي مبينا ذهني معذور نوجوان عمران خانزاده ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس  موجب نوجوان اڳ به ٻه ڀيرا آپگهات جي ڪوشش ڪري چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*