دادو ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ 25 ورهين جي زال کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش گهٽي ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ ٿاڻي تي گرفتاري ڏئي ڇڏي

DADU DEADBODY 2618 - 6460

دادو ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ 25 ورهين جي زال کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس لاش گهٽي ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ ٿاڻي تي گرفتاري ڏئي ڇڏي.

مجيد ڪالوني ۾ جوابدار نظير ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي زال 25 ورهين جي ياسمين ٻٽ کي سندس ڳلو ڪپي قتل ڪري سندس لاش گهٽي ۾ اڇلائي ڇڏيو.

جوابدار قتل ڪرڻ کانپوءِ ٿاڻي تي پيش ٿي گرفتاري ڏئي پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو گهٽي ۾ پيل لاش تحويل ۾ وٺي دادو سول اسپتال منتقل ڪيو.

علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار زال کي سندس هٿ ٻڌي قتل ڪيو آهي.

ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ناري کي جوابدار مڙس ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي قتل ڪيو آهي، کيس سخت سزا ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*