سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو

Fazul ul Rehman Sindh Halaf 2618 - 6455

سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو، گورنر هائوس ۾ گورنر محمد زبير نگران وڏي وزير فضل الرحمان کي عهدي جو قسم کڻايو.

 نگران وڏي وزير جي حلف برداري تقريب ۾ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه، اسپيڪر آغا سراج دراني، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا، ميئر وسيم اختر، ناصر شاهه سميت ٻين اڳواڻن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي.

گورنر هائوس ۾ نگران وڏي وزير طور قسم کڻڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته منهنجي پهرين ترجيح صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، نگران ڪابينا مختصر هوندي، هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ اعلان ڪيو ويندو.

فضل الرحمان چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، منهنجي پهرين ترجيح صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ هوندي، جيئن ڪنهن کي ڪا شڪايت ملي نه سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*