مسلم ليگ ن عوام ۾ سرخرو ٿي رهي آهي،شهباز شريف

Shahbaz Sharif Talk 2618 - 6462

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ ن عوام ۾ سرخرو ٿي رهي آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کي فرض سمجهي نڀايو، خيبرپختونخواهه ۾ تبديلي ۽ انقلاب جي نالي تي عوام کي مايوس ڪيو ويو ۽ دوکو ڏنو ويو، عمران نيازي يوٽرن ورتو ۽ ڪوڙ ڳالهايو.

لاهور ۾ پنجاب جي وزير شهباز شريف سان انجنيئر امير مقام ملاقات ڪئي،  جنهن دوران موجوده  سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي انجنيئر امير مقام چيو ته پنجاب ٻين صوبن لاءِ رول ماڊل بڻجي چڪو آهي، ٻيا صوبا به پنجاب جيان ترقي چاهين ٿا.

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن عوام ۾ سرخرو ٿي رهي آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کي فرض سمجهي نڀايو،

شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ترقي جي نالي تي عوام کي مايوس ڪيو ويو ۽ تبديلي جي نالي تي دوکو ڏنو ويو، عمران نيازي يوٽرن ورتو ۽ ڪوڙ ڳالهايو.

ان کان پنهنجي هڪ بيان شهباز شريف چيو ته الله تعاليٰ جي ڪرم سان اونداهي ختم ٿي چڪي آهي، اسان جي حڪومت لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيو،

هن چيو ته شديد گرمي ۽ بجلي جي پيداوار ۾  گهٽتائي باوجود صارفين کي بجلي ملي رهي آهي، وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت وسيلن مان هزارين ميگاواٽ جا پاور پلانٽس لڳايا، اڄ انهن مان بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي رهي آهي.

شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ لڳايل 4 گيس پاور پلانٽس ۾ قوم جا اربين رپيا بچايا ويا.

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته 150 ارب رپيا بچائي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نئون مثال قائم ڪيو  ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*