ٺاروشاهه ۽ فيض گنج ۾ پاڻي کوٽ خلاف پوڇڙي جي آبادگارن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن

Tharo Shah Protest Water Issues 2618 - 6466

ٺاروشاهه ۽ فيض گنج ۾ پاڻي کوٽ خلاف پوڇڙي جي آبادگارن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

ٺاروشاهه ۾ ڏيٿا مائينر جي پوڇڙي جي آبادگارن ذوالفقار بالادي، حينف ۽ محمود کوکر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

فيض گنج ۾ پوڇڙي جي آبادگارن خادم حسين شر ۽ لطيف جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته بااثر وڏيرا آبپاشي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري شاخن ۾ نوليون ۽ جهٽا هڻي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري پڇڙي جي آبادگارن وٽ پاڻي جي لپ به نٿي پهچي، جنهن سبب سوين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي.

هنن چيو ته اسانجو چوپايو مال اڃ ۽ بک وگهي مري رهيو آهي، جنهن سبب فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون.

 هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ڪرپٽ آبپاشي عملدارن خلاف نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*