ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته 5 فيبروري بعد صورتحال جي ذميوار فاروق ستار آهي

AAMIR KHAN 2618 - 6469

ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته 5 فيبروري بعد صورتحال جي ذميوار فاروق ستار آهي، رابطا ڪميٽي ۾ طئي ڪيو ويو هو ته پارٽي جا سڀئي اختيار هڪ ئي شخص وٽ نه هوندا، ڪنوينر شپ، چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ڏيڻ جا اختيار ۽ پارٽي هلائڻ جا اختيار ٽن ماڻهن وٽ هوندا، فاروق ستار سڀئي اختيار پاڻ وٽ رکن چاهي ٿو، ائين ممڪن ناهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته چونڊن جي بائيڪاٽ ڪرڻ وارا بائيڪاٽ ڪن ڪو اثر نه پوندو.

هن چيو ته فاروق ستار پارٽي جا سڀئي اختيار پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو، ائين ممڪن ناهي، رابطا ڪميٽي ۾ طئي ڪيل معاملن تحت پارٽي هلائڻ چاهيون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*