ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين جو راڄ برقرار آهي، مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو

Thar-Child-4816

ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين جو راڄ برقرار آهي، مٺي سول اسپتال ۾ اڄ وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هڪ مهيني دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 58 ٿي ويو آهي جڏهن ته اڃا به 50 ٻارڙا اسپتال ۾ داخل آهن.

مٺي سول اسپتال ۾ غذائي کوٽ ۽ بيماري سبب داخل وڌيڪ هڪ ٻارڙو ڳوٺ ڌرم ويري واسي هڪ سال جو پرڪاش پٽ ڏانو ڀيل فوت ٿي ويو.

هڪ مهيني دوران ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب 58 ۽ 6 مهينن دوران 258 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته مٺي سول اسپتال ۾ اڃا به 50 ٻارڙا داخل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*