سپريم ڪورٽ جي هدايت تي جوڙيل ڪميشن لاهور جي ذهني مريضن جي اسپتال بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

lahore supreme courtt

سپريم ڪورٽ جي هدايت تي جوڙيل ڪميشن لاهور جي ذهني مريضن جي اسپتال بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ عمارت جي مرمت جي نالي تي فنڊز جي غلط  استعمال جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

گذريل ڏينهن چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار لاهور جي ذهني مريضن جي اسپتال جو دورو ڪيو هو،

چيف جسٽس ناقص انتظامن تي ظفر اقبال جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي هئي. جنهن کي اسپتال بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي  وئي هئي.

ڪميشن اڄ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ذهني مريضن جي اسپتال جي مرمت بابت فنڊز جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ فنڊز جي غلط استعمال نشاندهي ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ڪميشن اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ جي شفارش  ڪئي آهي.

ڪميشن ٻارڙن جو وارڊ قائم ڪرڻ ۽ منشيات جي خاتمي وارو وارڊ به فعال ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*