خيبرپختونخواهه ۾ نگران وڏي وزير جي نامزدگي واري معاملي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز وچ ۾ نالن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو آهي

Election-Karachi-28716

خيبرپختونخواهه ۾ نگران وڏي وزير جي نامزدگي واري معاملي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز وچ ۾ نالن تي اتفاق نه ٿيڻ سبب معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن سڀاڻي تائين نگران وڏي وزير جو اعلان ڪندي.

خيبرپختونخواهه ۾ پارلياماني ڪميٽي به اتفاق راءِ نه هئڻ سبب نگران وڏي وزير جي مقرري وارو معاملو  اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

پارلياماني ڪميٽي طرفان چئن ڄڻن جا  نالا اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيا ويا آهن، جن ۾ منظور آفريدي، جسٽس (ر) دوست محمد حمايت الله ۽ اعجاز قريشي شامل آهن،

اليڪشن ڪميشن چئن مان ڪنهن به هڪ ڄڻي جو نالو سڀاڻي تائين فائنل ڪري  ڇڏيندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*