تحريڪ انصاف ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جي اهم وڪيٽ ڪيرائي ورتي، رشيد گوڊيل جي اڄ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي

Rashid-Godil21-8

تحريڪ انصاف ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جي اهم وڪيٽ ڪيرائي ورتي، رشيد گوڊيل جي اڄ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب رشيد گوڊيل اڄ  منجهند جو بني گالا اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رشيد گوڊيل ڪافي وقت کان ايم ڪيو ايم کان ناراض هو.

ڪراچي ۾ ڪجهه وقت اڳ رشيد گوڊيل تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو، جنهن ۾ هو مرڻينگ ٿي پيو هو.

رشيد گوڊيل 2013 جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي طور ڪامياب ٿيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*