موت واري سزا غير انساني سلوڪ آهي، يورپي يونين

 يورپي يونين پاڪستان ۾ موت جي سزا جي مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته موت واري سزا کي ختم ڪيو وڃي.

يورپي يونين پنهنجي هڪ پڌارئي ۾ واضح ڪيو آهي ته يورپي يونين موت واري سزا جي خلاف آهي ۽ چاهي ٿي ته پاڪستان ۾ موت واري سزا کي ختم ڪيو وڃي.

آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي کانپوءِ پاڪستان ۾ موت واري سزا تي روڪيل عمل بحال ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هيل تائين پنجاهه جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي آهي.

پاڪستان ۾ ڦاهي واري سزا تي عمل تيز ٿيڻ کانپوءِ يورپي يونين ان ڳالهه جو نوٽيس وٺندي پاڪستان سرڪار کي چيو آهي ته موت واري سزا تي عمل کي روڪيو وڃي.

يورپي يونين موجب موت واري سزا غير انساني سلوڪ آهي ۽ جنهن به ملڪ ۾ اهڙي سزا تي عمل هلندڙ هوندو، ان سان يورپي يونين جا لاڳاپا متاثر ٿيندا، تنهنڪري پاڪستان اهڙي سزا تي عمل کي روڪي ۽ انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*