قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ اليڪشن ڪميشن، نامزدگي ڪاغذن جي فارمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

Ayaz-Sadiq-191017

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ۽ اليڪشن ڪميشن، نامزدگي ڪاغذن جي فارمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سردار اياز صادق ۽ اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي فارمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن طرفان پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي فارمن کي ڪالعدم قرار ڏين بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ مونجهارو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوان نامزدگي فارم ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي  پر فيصلي ۾ نامزدگي فارمن بابت اليڪشن ايڪٽ جون شقون بحال رکيون ويون آهن.

درخواست موجب، اليڪشن ايڪٽ ۾ نامزدگي ڪاغذن جي موجودگي تائين اليڪشن ڪميشن نوان فارم نٿي ٺاهي سگهي

سردار اياز صادق چيف جسٽس کي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته هي هڪ اهم نوعيت جو مسئلو آهي، جنهن سبب جلد کان جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي.

چيف جسٽس چيو ته فائلز سامهون اچڻ ڏيو، ڪوشش ڪنداسين ته سڀاڻي تائين ٻڌڻي مقرر ڪئي وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*