سپريم ڪورٽ 56 ڪمپنيز خلاف ڪيس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي ذاتي طور طلب ڪري ورتو

Shahbaz Sharif 23-7

سپريم ڪورٽ 56 ڪمپنيز خلاف ڪيس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف   کي ذاتي طور طلب ڪري ورتو، عدالت پاران نيب کي 56 ڪمپنيز جي سي اي اوز جي اثاثن جو ڪاٿو لڳائڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته وڏي وزير جي مرضيءَ کانسواءِ پنجاب ۾ پکي به پر نٿو هڻي سگهي، وڏي وزير کان پڇو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي وقت عدالت ۾ پيش ٿيندو؟ کانئس ئي تفصيل پڇنداسين.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 56 ڪمپنين بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار شريف شريف کي 56 ڪمپنين جا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهباز شريف عدالت اچي ٻڌائي ته ڪمپنيون ٺاهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟

ايڊووڪيٽ جنرل جو چوڻ هو ته شهبازشريف جو 56 ڪمپنين سان سڌي ريت ڪو به تعلق نه آهي،

جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهباز شريف جي مرضيءَ کانسواءِ پنجاب ۾ پکي به پر نٿو هڻي سگهي، اوهان کانئس پڇو ته هو ڪڏهن عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿيو.

چف جسٽس چيو ته شهباز شريف عدالت ۾ ٿي تفصيل ٻڌائي ته ڪهڙن ملازمن کي وڏيون پگهارون ڏنيون.

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته بيورو ڪريسي جا ماڻهو وٺي سي اي او مقرر ڪيا ويا، جن کي 12، 12 لک ۽ 15، 15 لک رپيا پگهار ڏني وئي.

عدالت پاران نيب کي 56 ڪمپنيز جي سي اي اوز جي اثاثن جو ڪاٿو لڳائڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*