سعودي عرب ۾ ملڪ جي خلاف سازش جي الزام ۾ 7 عورتن سميت 17 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو

saudi 17 grftar

سعودي عرب ۾ ملڪ جي خلاف سازش جي الزام ۾ 7 عورتن سميت 17 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.

 پبلڪ پراسيڪيوٽر آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مختلف سازشن ۽ سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻجندڙ عنصرن جي خلاف مختلف علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، جنهن دوران 17 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.

 سعودي عملدارن موجب حراست ۾ ورتل 5 مردن ۽ 3 عورتن کي پڇا ڳاڇا کان پوءِجاچ مڪمل ٿيڻ تي ڇڏي ڏنو ويو، جڏهن ته 5 مردن ۽  4 عورتن ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي.

 عملدارن چيو آهي ته حراست هيٺ ورتل جوابدارن خلاف ثبوت موجود آهن ۽ رياست مخالف سرگرمين بابت اعتراف به ڪري چڪا آهن.

 عملدارن جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل جوابدارن تي ڳجهي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ حساس ادارن ۾ ماڻهن جون ڀرتيون ڪرائڻ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ موجود ملڪ دشمن تنظيمن جي اخلاقي حمايت ڪرڻ جو الزام آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*