سپريم ڪورٽ نامزدگي فارمز ۾ ترميم ڪالعدم قرار ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

lahore supreme courtt

سپريم ڪورٽ نامزدگي فارمز ۾ ترميم ڪالعدم قرار ڏيڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو،  ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ چيف ۾ سردار اياز صادق ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪرائي وئي.

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن طرفان پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي فارمن کي ڪالعدم قرار ڏين بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ مونجهارو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نوان نامزدگي فارم ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي  پر فيصلي ۾ نامزدگي فارمن بابت اليڪشن ايڪٽ جون شقون بحال رکيون ويون آهن.

درخواست موجب، اليڪشن ايڪٽ ۾ نامزدگي ڪاغذن جي موجودگي تائين اليڪشن ڪميشن نوان فارم نٿي ٺاهي سگهي

سردار اياز صادق، چيف جسٽس کي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته هي هڪ اهم نوعيت جو مسئلو آهي، جنهن سبب جلد کان جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي.

چيف جسٽس جي ٻه رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن ۽ سردار اياز جي داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*