سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چونڊن لاءِ نامزدگي فارم حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته

Election--11-11

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چونڊن لاءِ نامزدگي فارم حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو اڄ  کان شروع ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته نامزدگي فارم 8 جون تائين جمع ڪرائي سگهبا، ڪاغذن جي جاچ پڙتال 14 جون تائين ڪئي ويندي، ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلين خلاف اپيلون 19 جون تائين داخل ڪرائي سگهبيون، اميدوار 28 جون تائين فارم واپس وٺي سگهندا.

اليڪشن ڪميشن موجب، چونڊن لاءِ نامزدگي فارم حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو اڄ کان شروع ٿي يو آهي، فارم 8 جون تائين جمع ڪرائي سگهبا.

اليڪشن ڪميشن موجب، ڪميشن طئي ڪيو آهي ته نامزدگي  ڪاغذ  ساڳيا ئي رهندا، جيئن اليڪشن ايڪٽ ۾ طئي ڪيو ويو  هو.

اليڪشن ڪميشن موجب، اميدوارن جي حتمي فهرست 8 جون تائين لڳائي ويندي، نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال 14 جون تائين ڪئي ويندي،

اليڪشن ڪميشن موجب، ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون 19 جون تائين داخل ڪيون وينديون، اپيلٽ ٽريبونل 26 جون تائين اپيلون اڪلائيندي، 27 جون تي اميدوارن جي فهرست ٻيهر جاري ڪئي ويندي،

اليڪشن ڪميشن اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم 28 جون تائين واپس وٺي سگهدنا، چونڊ نشان سان اميدوارن جي فهرست 29 جون تائين جاري ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*