بلوچستان ۾ نگران وڏي وزير جو معاملو پارلياماني ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي

balochistan parliament

بلوچستان ۾ نگران وڏي وزير جو معاملو پارلياماني ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي، ڪميٽي وڏي وزير جي نالي جو فيصلو ڪندي. خيبرپختونخواهه ۾ به ۾ نگران وڏي وزير جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي.

گذريل ڏينهن بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ۽ اپوزيشن ليڊر وچ ۾ ملاقات بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي

ملاقات بعد نگران وڏي وزير جي مقرري جو معاملو پارليماني ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر وڌيڪ  ٻه نالا ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيا،

حڪومت پاران مير علا ءُ الدين مري، پرنس احمد علي، ڪامران مرتضيٰ، حسين بخش بنگلزئي جا نالا پيشڪيا ويا آهن، جڏهن ته اپوزيشن اشرف جهانگير قاضي، اسلم ڀوتاڻي ۽ علي احمد ڪرد جي نالن جي تجويز ڏني وئي آهي.

ڪميٽي پڌرائي جاري ڪري نگران وڏي  وزير جي نامزدگي جي فيصلي کان آگاهه ڪندي، پارلياماني ڪميٽي لاءِ ڌرين کي 3، 3 نالا صوبائي اسيمبلي ڏانهن اماڻيا ويا آهن.

هوڏانهن خيبرپختونخواهه ۾ به گذريل ڏينهن نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق نه ٿيو، جنهن سبب معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو هو.

اليڪشن ڪميشن اڄ اپوزيشن ۽ حڪومت پاران تجويز ڪيل نالن  مان ڪنهن  هڪ جو فيصلو ڪندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*