مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ مون ڏينهن رات محنت ڪئي آهي

Shahbaz-sharif-81116

مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ مون ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، محنت جي ڪري ئي اڄ پنجاب خوشحالي جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهي، جيستائين منهنجي جسم ۾ رت جو هڪ ڦڙو به رهندو، تيستائين عوام جي خدمت ڪندو رهندس، مخالفن عوامي ڀلائي لاءِ ڪو به ڪم نه ڪيو  آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ مون ڏينهن رات محنت ڪئي آهي، محنت جي ڪري ئي اڄ پنجاب خوشحالي جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي آهي،

هن چيو ته جيستائين منهنجي جسم ۾ رت جو هڪ ڦڙو به رهندو، تيستائين عوام جي خدمت ڪندو رهندس،

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته اسان جا عوامي فلاحي منصوبا پنهنجي مثال پاڻ آهن، سياسي مخالف رڳو کوکلا نعرا لڳائيندا آهن،

شهبازشريف چيو ته سياسي مخالف عوام جي خدمت کان لنوائيندا آهن، 5 سالن کانپوءِ مسلم ليگ ن عوام جي عدالت ۾ ڳاٽو اوچو ڪري بيٺل آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*