مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اسان پنهنجي دور جا ذميوار آهيون

nawazsharif 23318

مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته اسان پنهنجي دور جا ذميوار آهيون، هاڻي نگران حڪومت آهي، اسان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڇڏي ويا هئاسين، هاڻي بجلي نٿي اچي ته نگران حڪومت کان سوال ڪيو وڃي. اسان پنهنجي دور ۾ سٺي نموني ڪم ڪيو.

احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي نوازشريف چيو ته مان رڳو چوان ٿو ته جيستائين اسان جي حڪومت هئي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هو، آخري ڏينهن ۾ شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح ڪيو.

نوازشريف چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ 39 ميگا واٽ منصوبا شروع ڪيا ويا، نيلم جهلم ۽ تربيلا  4  کي مڪمل ڪيو، گوادر ڪوئيٽا روڊ ٺاهيو، برهان کان ڊي آءِ خان تائي روڊ ٺهي رهيو آهي.

هن چيو ته يونيورسٽيون ۽ اسپتالون به آهن، ڇا ماضي ۾ ڪنهن حڪومت اهڙا ڪم ڪيا ۽ ڪنهن موٽروي ٺاهيو،  ڪير هو، جنهن ملڪ کي اونداهي ڏانهن ڌڪيو ۽ ڪير آهي جنهن روشنيون واپس آنديون.

اڳوڻي وزيراعظم چيو  ته خواهش هئي ته وزيراعظم لاهور، ملتان ۽ سکر موٽرويز جو افتتاح ڪيو  پر ٺاهيندڙن دير ڪري ڇڏي، هي منصوبو مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، مان هجان ها ته دير نه ٿئي ها.

نوازشريف چيو ته حيدرآٻاد، ڪراچي موٽر وي ٺهي چڪو آهي، ڪڇي ڪينال  جو تاريخي منصوبو مڪمل ڪيو، لواري ٽنل ڏسي وٺو، جنهن جي ڪري چئن ڪلاڪن ۾ سفر مڪمل ٿئي ٿو. لواري ٽنل پهري سال ۾ 6 مهينا بند رهندو هو ۽ هاڻ سڄو سال کليل آهي .

اڳوڻي وزيراعظم صحافين کي چيو ته اسان ته نيب ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهيون نه ته اوهان کي لواري ٽنل جو سفر ڪرايون ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*