سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ ملڪ اسد سڪندر جي گرفتاري کان اڳ 5 لکن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

Sindh-High-Court-181016

سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ اڳواڻ ملڪ اسد سڪندر جي گرفتاري کان اڳ 5 لکن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، ملڪ اسد سڪندر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيب منهنجي خلاف انڪوائري ڪري پئي، تنهن ڪري گرفتاري جو خدشو آهي، گرفتاري کان اڳ ضمانت ڏني وڃي.

عدالت ملڪ اسد سڪندر جي درخواست تي سندس 5 لکن عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو نيب منهنجي خلاف زمينن جا کاتا منتقل ڪرڻ بابت انڪوائريون ڪري رهي آهي، تنهن ڪري گرفتاري جو دخشو آهي، گرفتاري کان اڳ ضمانت ڏني وڃي.

ملڪ اسد سڪندر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته مان نيب سان انڪوائري ۾ مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

نيب ملڪ اسد سڪندر خلاف سرڪاري زمين تي قبضي ۽ خانگي زمين مهانگي اگهه تي سرڪار کي وڪروڪرڻ خلاف انڪوائري ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*