ناليواري گلوڪاره ۽ اداڪاره رابي پيرزاده پنهنجي نئين قوالي ويڊيو “ميري توبه” رليز ڪري ڇڏي آهي

rabi pirzada

ناليواري گلوڪاره ۽ اداڪاره رابي پيرزاده پنهنجي نئين قوالي ويڊيو “ميري توبه” رليز ڪري ڇڏي آهي.

 لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رابي پيرزاده چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريان ڪنهن گلوڪار دهشتگردي خلاف ڳالهه ٻول نه ڪئي آهي نه ئي ڪنهن اهڙي قوالي يا گانو ڳايو آهي، هي قوالي مڪمل طرح دهشتگردي خلاف آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته مون تي اهو اعتراض ڪيو ويو ته مون موسيقيءَ سان ڇو قوالي ڳائي آهي.

 هن چيو ته هن دهشتگرديءَ خلاف ڪم ڪيو آهي ۽ ان تي کيس فخر آهي، هو اميد ڪري ٿي ته  مداح سندس قواليءَ کي ضرور پسند ڪندا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*