سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نئين ۽ پراڻي اخلاقي ضابطي جي ڀيٽ ڪري اڄ ئي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

supreme court and election comision copy

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نئين ۽ پراڻي اخلاقي ضابطي جي ڀيٽ ڪري اڄ ئي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته چونڊون دير جو شڪار ٿينديون، ڪنهن کي به چونڊون ملتوي ڪرڻ نه ڏينداسين، اليڪشن ڪميشن بي وس ٿي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي، چونڊن جا معاملا جنگي بنيادن تي هلايا ويندا

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾  3 رڪني بينچ چونڊ سڌارن بابت ورڪرز پارٽي طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊ سڌارن تي 2012 ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيار به طئي ڪيا ويا آهن.

درخواستگذار چيو ته فيصلي بعد اليڪشن ڪيشن سياسي جماعتن سان گڏجي ضابطه اخلاق طئي ڪيا پر کين خدشا آهن ته چونڊ ضابطه اخلاق ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.

ان موقعي تي ڊي جي اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع کانپوءِ اليڪشن ڪميشن  ضابطه اخلاق جو جائزو ورتو ۽ سمورين جماعتن گڏجي نئون ضابطه اخلاق بڻايو.

ڊي جي اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته ضابطه اخلاق 2018 ع چونڊن لاءِ ٺاهيو ويو آهي،

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ کي بيوس سمجهي ٿي.  جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊون ڪنهن به صورت ۾ دير جو شڪار نه ٿينديون، اليڪشن ڪميشن بيوس ٿي وڃي ته اها ٻي ڳالهه آهي، نامزدگي ڪاغذن واري معاملي تي چونڊن تي دير ٿيڻ جو خدشو هو.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته چونڊون ٻن يا ٽن مهينن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي ڳالهه ذهن مان ڪڍي وڃي، چونڊون وقت تي ئي ٿينديون.

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق اڄ ئي جواب داخل ڪرائي، اليڪشن ڪميشن جا معاملا جنگي بنيادن تي هلڻ گهرجن، نئين ۽ پراڻي ضابطه اخلاق جي ڀيٽ ڪئي ويندي.

چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*