سپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت بابت درخواست ٻُڌڻ جوڳي قرار ڏيندي واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين شمس الملڪ ۽ ظفر محمود کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو

supreme court

سپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت بابت درخواست ٻُڌڻ جوڳي قرار ڏيندي واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين شمس الملڪ ۽ ظفر محمود کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو، ٻڌڻيءَ ايندڙ هفتي ٿيندي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻيءَ صورتحال سنگين صورت اختيار ڪري وئي آهي، پاڻي بابت ڪيسز تي هر ڇنڇر تي ڪراچي ۽ آچر تي لاهور ۾ ٻڌڻيون ڪندس، جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارڙن کي پاڻي نه ڏنو ته پوءِ ڇا ڏنو؟پاڻي پاڪستان جي بقا آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾  بيرسٽر ظفر الله جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي،

ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته 48 سال ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ ڪو به ڊيم نه ٺهيو آهي، 20 سال کان پاڻي ۽ ماحوليات بابت ڪيس هلي رهيا آهن.

درخواستگذار چيو ته پاڪستان جي 20 سيڪڙو جي ڊي پي پاڻي تي ڀاڙي ٿي، اسان پاڻي جي اهڙي صورتحال کي ڏسندا رهياسين ته پوءِ مري وينداسين.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي جي کوٽ سڀ کان مسئلو آهي، سمورا ڪيس سپريم ڪورٽ جي رجسٽريز ۾ ٻڌا ويندا.

چيف جسٽس چيو ته هاڻ سپريم ڪورٽ جي سڀ کان پهرين ترجيح پاڻي آهي، اسان پنهنجي ٻارڙن کي پاڻي نه ڏنو ته پوءِ ڇا ڏنو؟

هن چيو ته ڇنڇر ڏهاڙي ڪراچي، آچر ڏهاڙي لاهور ۾ پاڻي بابت ڪيسز کي ٻڌنداسين، مون 32 ، 32 سالن جا پراڻا ڪيس ڪڍيا آهن. پاڻي پاڪستان جي بقا آهي، ان حوالي سان سمورين درخواستن کي اڪلائينداسين.

چيف جسٽس چيو ته سمورا ماڻهو تيار ٿي وڃن، ڀارت ڊيم تيار ڪري ورتا آهن، نيلم ۽ جهلم درياهه خشڪ ٿي ويا آهن،

سپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت بابت درخواست ٻُڌڻ جوڳي قرار ڏيندي واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين شمس الملڪ ۽ ظفر محمود کي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو

واضح رهي ته ڄاڻايل ٻئي اڳوڻا ڪامورا ڪالاباغ ڊئم جا حامي رهيا آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*