ملتان جي سميجا آباد ۾ دستي بم جي زوردار ڌماڪي ۾ ٻن ٻارن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا

ملتان جي سميجا آباد ۾ دستي بم جي زوردار ڌماڪي ۾ ٻن ٻارن سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

چيو پيو وڃي ته ٻارڙا سميجا آباد ۾ راند کيڏي رهيا هئا ته اوچتو دستي بم ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ٻارڙا ۽ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي سبب عمر، طلحه ۽ حق نواز سميت چار ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ چار رڍون ۽ ٻڪريون به مري ويون.

ملتان پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ٻار واهه مان دستي بم کڻي آيو، جنهن سان کيڏي رهيو هو ته ڌماڪو ٿيڻ جي ڪري زخمي ٿيو، جڏهن ته سندس ڀر پاسي موجود هڪ ٻارڙو ۽ ٻه همراهه به زخمي ٿيا.

زخمين کي اعلاج لاءِ اسپتال نيو ويو آهي، جتي هڪ ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*