اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف چيو آهي ته نگران حڪومت لوڊشيڊنگ جي ذميوار آهي

nawaz shareef

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف چيو آهي ته نگران حڪومت لوڊشيڊنگ جي ذميوار آهي، اسان سسٽم ۾ 10 هزار ميگاواٽ جو اضافو ڪري آيا هئاسين، اسان جي وڃڻ تائين ڪا به لوڊشيڊنگ نه هئي. جڏهن ٻيو ڪجهه نه مليو ته ريحام خان جي ڪتاب جو الزام به  ن ليگ تي لڳايو ويو.

احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي نوازشريف چيو ته نگران حڪومت لوڊشيڊنگ جي ذميوار آهي.

هن چيو ته اسان سسٽم ۾ 10 هزار ميگاواٽ جو اضافو ڪري آيا هئاسين، اسان جي وڃڻ تائين ڪا به لوڊشيڊنگ نه هئي، هاڻ جيڪيڏهن بجلي نه آهي ته اُن جي ذميوار نگران حڪومت آهي.

ڊِي جي آءِ ايس پي آر جي سوشل ميڊيا بابت پڇيل سوال تي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پنهنجو گهر ٺيڪ هوندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هوندو. مون سڄي پريس ڪانفرنس ناهي ٻڌي ته هن ڇا چيو آهي.

صحافي سوال ڪيو ته ڊي جي آءِ اس پي آر چيو آهي ته هي سال تبديلي جو آهي، جنهن تي نوازشريف چيو ته سڄي پريس ڪانفرنس ناهي ٻڌي.

نوازشريف چيو ته چينل بند ڪرڻ، ميڊيا کي ڌمڪيون ڏيڻ پراڻي يادگار آهي، جيڪڏهن هاڻ حڪومت ملي ته ان تي قومي ڪميشن ٺاهينداسين ۽ ضروري قدم کڻنداسين، ماضي کان سبق سکنداسين.

صحافي سوال ڪيو ته سپريم ڪورٽ ته فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي نوازشريف چيو ته اها بعد جي ڳالهه آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ جي قانون کي سنگل بينچ ڪيئن ٻاهر اڇلائي ڇڏيو.

نوازشريف کان صحافي سوال ڪيو ته ريحام خان جي ڪتاب پٺيان ن ليگ آهي، اهڙو الزام لڳايو پيو وڃي، جنهن تي نوازشريف چيو ته جڏهن ڪجهه به نه مليو ته پوءِ اهو الزام لڳايو ويو.

نوازشريف چيو ته عمري تي وڃڻ چاهيان ٿو پر ڪيس هلي رهيو آهي، گهر واري به بيمار آهي، هتان واندڪائي ملندي ته ويندس.

نوازشريف چيو ته نيب چيئرمين کي موڪليل نوٽيس جو جواب ناهي مليو، گذريل ڏينهن فاٽا جرڳي سان ملاقات ٿي هئي، انهن ۾ ڪافي جذبو هو. سمورين پارٽين جا ماڻهو آيا هئا، سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ان موقعي تي نواز شريف شعر به پڙهيو، “ جو ٺوڪر نهين کاتا، نهين جيت اُس ڪي، جو گر ڪر سنڀل جائي، هي جيت اُس ڪي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*