مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته هميشه سياستدانن جو ئي حساب ٿيو آهي

Pervaiz-Rasheed-27816

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته هميشه سياستدانن جو ئي حساب ٿيو آهي، پر حساب وٺندڙن کان ڪڏهن ٿيندو، ميان صاحب خلاف هي ڪيس 1999 کان هلي رهيا آهن، پرويز مشرف ميان صاحب جي ماڊل ٽائون واري گهر تي ڏهه سال قبضو ڪيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي  پرويز رشيد چيو تهه ميشه کان سياستدانن جو ئي حساب ٿيو آهي، پر وٺندڙن کان ڪڏهن ٿيندو.

هن چيو ته ميان صاحب خلاف هي ڪيس 1999 کان هلي رهيا آهن، جڏهن ته سندس ماڊل ٽائون واري گهر تي 10 سالن تائين پرويز مشرف جو قبضو رهيو.

مسلم ليگ ن اڳواڻ چيو ته جنهن شخص هي ڪيس ٺاهيا  اُن کي عدالت ۽ جي آءِ ٽي ڪوڙو قرار ڏنو.

پرويز رشيد چيو ته جڏهن پرويز مشرف اهو گهر خالي ڪيو ته بجلي جو بٽڻ ۽ سينٽري جو سامان به کڻي ويو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*