اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير لاءِ رٽائرڊ جسٽس دوست محمد خان جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو

justice dost muhamad kha

اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير لاءِ رٽائرڊ جسٽس دوست محمد خان جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل اسيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اپوزيشن ۽ حڪومت طرفان ڏنل چئن نالن تي غور بعد رٽائرڊ جسٽس دوست محمد خان جي نالي جو فيصلو ڪيو، پي ٽي آءِ سندس نالو تجويز ڪيو هو

ڪي پي نگران وڏي وزير  جي نامزدگي وارو معاملو پارلياماني ڪاميٽي ويو، جتي اجلاس ۾ نالو تجويز نه ٿيڻ سبب 2 ڏينهن اڳ هي معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن تي اڄ اليڪشن ڪميشن هڪ ڪلاڪ جي مشاروت بعد پريس ڪانفرنس ۾ ڪي پي جي وڏي وزيراعليٰ لاءِ ريٽائرڊ جسٽس دوست محمد خان جي نالي جو اعلان ڪيو.

اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊمن اختر نذير ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته  جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان کي ڪي پي جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته آئين تحت نگران وڏي وزير لاءِ اسپيڪر 4 نالا موڪليا هئا.   اجلاس ۾ جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان کي نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو اتفاق سان ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته جسٽس دوست محمد 1953ع ۾ خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ پيدا ٿيو، هن بنون مان گريجوئيشن ۽ ڪراچي کان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد بنون ۾ وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪئي، جنهن بعد بنون ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ بار جو صدر بڻيو.

دوست محمد خان 2014 ۾ سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو، ۽ 19 مارچ 2018 تي ريٽائرڊ ٿيو،

هن پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ هن ڊرون حملا، اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي تاحيات نااهل قرار ڏيڻ، عورتن کي ووٽ جي حق کان محروم رکڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسز تي فيصلا  ڪيا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*