صحبتپور ويجهو بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پورهيت جي گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ الهه تلهه سڙي رکي ٿي ويو آهي

sohbat pur

صحبتپور ويجهو بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پورهيت جي گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ الهه تلهه سڙي رکي ٿي ويو آهي.

ڳوٺ نادر خان کوسو ۾ اوچتو بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شبير احمد لاڪٽي، عبدالغفور ۽ ٻين جا گهر سڙي رک ٿي ويا.

متاثرين دانهيندي چيو ته پورهيو ڪري ٻارن جو پيٽ پاليندا آهيون، اوچتو باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿيڻ سبب هاڻي بي گهر ٿي ويا آهيون.

هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته انسانيت جي نالي مالي مدد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*