سپريم ڪورٽ لگزري گاڏين واري ڪيس ۾ مولانا فضل الرحمان، عبدالغفور حيدري ۽ ڪامران مائيڪل کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

supreme court

سپريم ڪورٽ لگزري گاڏين واري ڪيس ۾ مولانا فضل الرحمان، عبدالغفور حيدري ۽ ڪامران مائيڪل کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته  مولانا فضل الرحمان کي چئو ته پنهنجي سيڪيورٽي جو بندوبست پاڻ ڪري، وٽس تمام گهڻا پيسا آهن، سندس جانثار به تمام گهڻا آهن، ڪو حملي آور وٽس نٿو پهچي سگهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سرڪاري آفيسرن ۽ وزيرن جي لگزري گاڏين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سمورن وفاقي وزيرن کان لگزري گاڏيون واپس ورتيون آهن. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ۽ عبدالغفور حيدري کان بلٽ پروف گاڏيون واپس ناهين ورتيون.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪامران مائيڪل کان به بلٽ پروف گاڏي واپس ناهي ورتي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته مولانا فضل الرحمان کي ته بلٽ پروف گاڏي سان گڏ دٻل ڪيبن گاڏي به مليل آهي، جڏهن بلٽ پروف گاڏي ڏني ته پوءِ ڊبل ڪيبن گاڏي ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان جا تمام گهڻا جانثار آهن ۽ انهن جانثارن جي ڪري ڪو به حملي آور مولانا فضل الرحمان وٽ نٿو پهچي سگهي، وٽس تمام گهڻا پيسا آهن، پنهنجي سيڪيورٽي جو پاڻ انتظام ڪري.

سپريم ڪورٽ لگزري گاڏين واري ڪيس ۾ مولانا فضل الرحمان، عبدالغفور حيدري ۽ ڪامران مائيڪل کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*