ايم ڪيو ايم نائين زيرو تي ڇاپي خلاف التويٰ واري رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي، اياز صادق

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم نائين زيرو تي ڇاپي خلاف التويٰ واري رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي، کيس سياسي دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اين اي هڪ سئو 22 جو نتيجو اچي چڪو آهي، هاڻي احتجاج جو ڪو به جواز ناهي، اليڪشن ٽربيونل بنا ثبوتن جي تڪ کولڻ جو حڪم نٿو ڏئي سگهي.

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پي ٽي آءِ جي استيعفيٰ ڏيندڙ ميمبرز جون پگهارون روڪيون ويون آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ خلاف ڪنهن به ميمبر رٿ آندي ته هـُو ووٽنگ ڪرائڻ جو پابند هوندو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرز کان استعيفيٰ بابت فون تي پڇيو ويندو آهي ته اهي کـِلي ڏيندا آهن، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ميمبرز خلاف اڪثريت پاران فيصلو ڏنو ويو ته ميمبرز کي نااهل به قرار ڏئي  سگهجي  ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سردار اياز صادق چيو ته اين اي هڪ سئو 22 جو نتيجو اچي چڪو آهي، ان ڪري هاڻي احتجاج جواز ناهي، عمران خان ڀلي رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪٿان به ڪرائي وٺي نتيجو ساڳيو ئي  ايندو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ججز اين اي هڪ سئو 22 بابت تڪراري فيصلو ڏنو آهي، رڪارڊ جي ٻيهر جاچ پڙتال جي ڪا به ضرورت نه هئي،  نادرا موجب 2005کان اڳ وارا اڱوٺن جا نشان سڃاڻپ جوڳا ناهن رهيا، اليڪشن ٽربيونل ثبوتن کانسواءِ تڪ جي رڪارڊ جي جاچ پڙتال جو حڪم نٿو ڏئي سگهي.

سردار اياز صادق وڌيڪ چيو ته نادرا جي رپورٽ هاڻوڪي نتيجن کان مختلف نه ايندي پر پي ٽي آءِ لاءِ پوءِ واپسي جو ڪو به رستو نه هوندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ سردار اياز صادق چيو ته ايم ڪيو ايم نائين زيرو تي ڇاپي خلاف التويٰ واري رٿ واپس وٺي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*