سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ کي 7 رياستن ۾ ورهائڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ کي 7 رياستن ۾ ورهائڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڪراچي ۾ شهرين جي سهولتن ۽ انتظامي معاملن جي حل لاءِ صوبائي حڪومت کان 5 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو.

جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي جي اڍائي ڪروڙ آبادي هڪ ملڪ جي برابر آهي، ان سان ڪهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي.

جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ۾ چيو ته جنهن شهر کي مني پاڪستان جو خوبصورت نالو ڏنو ويو پر عملي قدم ڪهڙا کنيا ويا آهن.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شهر ۾ پاڻي مسئلي تي جهيڙا ٿي رهيا آهن، بجلي بحران آهي، هڪ اهڙو وقت اچي سگهي ٿو ته ماڻهو هڪٻئي جي ڳلو ڪٽڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شبير شاهه دليلن ۾ چيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، صوبي ٺاهڻ لاءِ خاص قانون موجود آهي.

سرڪاري وڪيل دليلن ۾ چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ 2 ڀاڳي 3 جي اڪثريت سان قانون ڪري پوءِ به ڄاڻايل صوبي جي رضامندي کانسواءِ نئون صوبو نٿو ٺاهي سگهجي.

سرڪاري وڪيل دليلن ۾ عدالت کي استدعا ڪئي درخواست کي غيرموثر قرار ڏئي رد ڪيو وڃي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن آزاد رياستون نه ٺاهيون ويون ته ملڪ جو وڌيڪ نقصان ٿيندو.

عدالت ڪراچي ۾ شهرين جي سهولتن ۽ انتظامي معاملن جي حل لاءِ صوبائي حڪومت کان 5 جولاءِ تائين جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*