سول جج ملتان جي عدالت ۾ ريحام خان جي نئين ايندڙ ڪتاب خلاف پي ٽي آءِ لائرز ونگ جي صدر پاران درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

Court-8317

سول جج ملتان جي عدالت ۾ ريحام خان جي نئين ايندڙ ڪتاب خلاف پي ٽي آءِ لائرز ونگ جي صدر پاران درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

عدال ۾ درخواست تحريڪ انصاف جي لائرز ونگ جي صدر غلام مصطفيٰ چوهاڻ طرفان داخل ڪئي وئي.

درخواستگذار موجب ريحام خان مسلم ليگ ن جي رول مطابق آهي، هن اها سازش اڳوڻي سفير حسين حقاني کان گڏجي ڪئي آهي.

درخواستگذار استدعا ڪئي ته ريحام خان جي ڪتاب تي پابندي لڳائي وڃي، ۽ ان جي اشاعت کي روڪيو وڃي.

مختصر ٻڌڻي بعد عدالت ريحام خان، حسين حقاني ۽ پيمرا کي 9 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*