اڳوڻي وزراعظم نوازشريف ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف چيو آهي ته چوندن کان اڳ ڌانڌلي جو بحث هلندو رهندو آهي

nawaz sharef

اڳوڻي وزراعظم نوازشريف ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف چيو آهي ته چوندن کان اڳ ڌانڌلي جو بحث هلندو رهندو  آهي، ڌانڌلي جي شروعات اُن وقت کان شروع ٿي، جڏهن صدارت تان هٽايو ويو هو، ريحام خان بابت مان پاڻ اخبارن ۾ پڙهي رهيو آهي، ڪتاب بابت عمران خان يا سندس ماڻهن کي خبر هوندي، مون کي ناهي.

احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي نوازشريف چيو ته چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي شروعات اُن وقت ٿي، جڏهن مون کي مسلم ليگ ن جي صدارت تان هٽايو ويو ۽ مون کي سڄي زندگي لاءِ نااهل ڪيو ويو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هر ڳالهه تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو آهي، پر جڏهن مسلم ليگ ن جا ماڻهو ٻين پارٽين ۾ شامل  ٿي ويندا آهن ته ڪو به نوٽيس نه ورتو ويندو آهي.

نوازشريف چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ اسان جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ کان محروم ڪيو ويو، ڇا ڪا اهڙو مثال موجود آهي هت پارٽي ٽڪيٽ کان محروم ڪيو ويو هجي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته تبديلي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، تبديلي ضرور ايندي، جيڪا ملڪ لاءِ اڻٽر آهي.

ريحام خان جي ڪتاب بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نوازشريف چيو ته ريحام خان جي ڪتاب بابت عمران خان يا سندس ماڻهن کي معلوم هوندو، مون کي خبر ناهي، مان به رڳو اخبارن ۾ پڙهيو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*