دولتپور صفن ۾ قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد سبب فوت ٿيل شاگرد سجاد جوکيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن اڄ 26 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو

daulatpur sfn sajad jokhio qatal ahtjaj

دولتپور صفن ۾ قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد سبب فوت ٿيل شاگرد سجاد جوکيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن اڄ 26 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

معشوق علي ۽ لطف جوکيو جي اڳواڻي ۾ شادگر سجاد جوکيو جي وارثن 26 هين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته نوابشاهه پوليس پاران نوجوان جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او سرور زرداري کي گرفتار ڪرڻ باوجود کيس عدالت ۾ پيش نه پيو ڪيو وڃي.

هنن چيو ته پوليس پاران جوابدارن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪرڻ سبب جوابدارن جا وارث مٿن ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ  دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته ڪيس ۾ نامزد ايس ايڇ او سرور زرداري سميت ٻين جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*