سپريم ڪورٽ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ميان نوازشريف کي 12 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي خورشيد شاهه کي ڏنل طلبي نوٽس واپس وٺي ڇڏيو

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران ميان نوازشريف کي 12 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي خورشيد شاهه کي ڏنل طلبي نوٽس واپس وٺي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو آهي ته جنهن کي طلب ڪيو آهي انهن کي پيش ٿيڻو پوندو، ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي ڪير چوي ته اسان کي ٻڌو ئي نه ويو،

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي جي سربراهي ۾ بنيچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته نوازشريف ڪٿي آهي، جيڪڏهن اسلام آباد ۾ آهي ته هڪ ڪلاڪ ۾ پيش ٿئي.

اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته نوازشريف احتساب عدالت ۾ آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن نوازشريف نٿو اچي ته وڪيل اچي،  اٽارني جنرل چيو ته نوازشريف پنهنجي نمائندگي لاءِ وڪيل جو بندوبست ڪري رهيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته جنهن کي طلب ڪيو آهي انهن کي پيش ٿيڻو پوندو، ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي ڪير چوي ته اسان کي ٻڌو ئي نه ويو،

اصغر خان ڪيس ۾ خورشيد شاهه طرفان اعتزاز احسن پيش ٿيو، جنهن عدالت آڏو  موقف اختيار ڪيو ته خورشيد شاهه کي اُن ڪيس ۾ پهريون ڪڏهن به نوٽيس جاري ناهي ٿيو.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته معلوم ڪيون ٿا ته خورشيد شاهه کي نوٽيس ڇو جاري ٿيو،

رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد شاهه کي اصغر خان ڪيس ۾ ڪڏهن به نوٽيس جاري ناهي ٿيو، غلطي سان نوٽِس جاري ٿيو،  جنهن تي عدالت خورشيد شاهه  جي طلبي نوٽيس واپس ورتو.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي وڪيل ڪرڻ لاءِ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي 12 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اصغر خان ڪيس ۾31  ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ الطاف حسين، جاويد هاشمي ڄام معشوق، اجمل خان، آفاق احمد، مصطفيٰ کر، سراج الحق ، گهرو سيڪريٽري ۽ ايف آءِ اي به شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*