سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان ٿيل بدسلوڪي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اسلام آباد پوليس ۽ اڳوڻي انتظاميا خلاف فيصلو برقرار رکيو آهي

Supreme-Court-13716

سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان ٿيل بدسلوڪي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اسلام آباد پوليس ۽ اڳوڻي انتظاميا خلاف فيصلو برقرار  رکيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سان ٿيل بدسلوڪي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،

جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽجي 5 رڪني لارجر بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين 7 پوليس آفيسرن جي اپيلن کي رد ڪري ڇڏيو. جنهن بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

جوابدارن ۾ اڳوڻو آءِ جي اسلام آباد، اڳوڻو چيف ڪمشنر رخسار مهدي شامل آهن، جڏهن ته ٽن آفيسرن کي 15 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ اسلام پوليس ۽ اڳوڻي انتظاميا خلاف سزائون برقرار رکيون آهن.

واضح رهي ته 13 مارچ 2007ع اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي گهر کان عدالت ايندي روڪيوويو هو ۽ ساڻس بدسلوڪي ڪئي وئي هئي.

عدالت 16 مئي تي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سزائن خلاف انٽرڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪيو هو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*